Share this link via
Personality Websites!
477497
9428
قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو!
هڪ ٻي ڳالهه عرض ڪريان هڪ ته اسان پنهنجي گهر جي عورتن کي پردي جو عادي بڻايون، حڪمتِ عملي سان نيڪيءَ جي دعوت ڏئي اهو به ڪرڻو آهي ان سان گڏوگڏ پاڻ کي به بي پردگيءَ کان بچائڻو آهي. ڏسو! اسان جون پنهنجون اکيون ته مڪمل طور تي اسان جي اختيار ۾ آهن نه، تنهنڪري ڀاڄائي، ٻارن جون ماسيون، مامن، ماسين، پُڦين ۽ چاچن وغيره جون ڌيئرون گهر ۾ اينديون وينديون آهن، جيڪڏهن انهن جو پردي جو ذهن نه بڻجي رهيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسان ايترو ته ڪري ئي سگهون ٿا نه ته اسان انهن جي سامهون اچڻ کان پاسو ڪريون، جيڪڏهن ڪڏهن سامهون اچي به وڃن ته نظرون جهڪائي ڇڏيون، انهن ڏانهن ڏسڻ کان بچون، جيڪڏهن اسان گهر ۾ نامحرم عورتن جي سامهون نگاهون جهڪائي رکڻ جي عادت بڻائي ڇڏيون، انهن سان کلندي کلندي ڳالهائڻ کان بچي وڃون ته يقين ڪريو! اسان جي انهيءَ ئي هڪ نيڪ عمل جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر ۾ پردي جو نظام قائم ٿي سگهي ٿو. اللہ پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! اسان انهن نيڪين کي اپنائڻ وارا بڻجي وڃون.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ته دنياوي لحاظ کان نيڪ ماڻهن ۽ اللہ وارن جي برڪتن جو بيان هو، هاڻي ٻڌو ته آخرت ۾ انهن جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون هونديون؟ بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي، رسولِ ذيشان، مڪي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami