Share this link via
Personality Websites!
477479
9428
ته! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ذڪر الله جو عادي بڻائي ڇڏيائون
شيخ محمد بن محفوظ رحمۃُ اللہِ علیہ جو بيان آهي: هڪ ڀيري ڪيترائي مشائخ سرڪارِ غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ جي خدمت ۾ حاضر هئا. حضور غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ فرمايو: پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪريو، جنهن کي جيڪا شيءِ گهرجي، سا ملندي.
موقعي کي غنيمت ڄاڻي، سڀني مشائخن پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪرڻ شروع ڪيون. ڪنهن عرض ڪيو: مان مجاهدي (يعني نيڪين ۾ خوب ڪوشش ڪرڻ) جي طاقت چاهيان ٿو. ڪنهن عرض ڪيو: مان خوفِ خدا جو طلبگار آهيان. ڪنهن عرض ڪيو: مان پنهنجي وقت کي محفوظ ڪرڻ (يعني ذِڪرُ اللہ ۾ مشغول رهڻ) چاهيان ٿو. ڪنهن عرض ڪيو: مان علم ۾ اضافو چاهيان ٿو. شيخ خليل رحمۃُ اللہِ علیہ عرض ڪيو: مان قطب بنجڻ چاهيان ٿو. شيخ ابو البرڪات رحمۃُ اللہِ علیہ عرض ڪيو: مان اللہ پاڪ جي محبت ۾ خوب اضافو چاهيان ٿو. شيخ ابو الفتوح رحمۃُ اللہِ علیہ عرض ڪيو: مان قرآن ڪريم جو ۽ حديثِ رسول جو حافظ بڻجڻ چاهيان ٿو.
اهڙي طرح سڀئي پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪندا ويا. جڏهن سڀئي عرض ڪري چڪا ته سرڪارِ غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رحمۃُ اللہِ علیہ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami