Share this link via
Personality Websites!
477496
9428
رحمۃُ اللہِ علیہ جي والده ڪيتري قدر باپرده ۽ نيڪ عورت هئي، جو مٿس ڪڏهن ڪنهن نامحرم جي نظر نه پئي... واھ! سُبْحٰنَ اللہ!
اڄ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا (Propaganda) ڪيو ويندو آهي ته پردي ۾ ڇا رکيو آهي؟ آخر پردو ڪرڻو ئي ڇو آهي؟ ڏسو! پردي ۾ ڇا رکيو آهي. سڀ ماڻهو دعائون گهُري رهيا هئا: مولا! برسات وساءِ، مولا! جانور بک مري ويا، مولا! تنهنجا ٻانها تنهنجي رحمت جا محتاج آهن. پر ڪنهن جي دعا تي نظرِ رحمت نه ٿي رهي هئي.
قربان وڃجي! هڪ باپرده عورت جي دامن جو ڌاڳو کڻي، ان ڌاڳي جو واسطو اللہ پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيو ويو ته رحمت کي فوراً جوش اچي ويو ۽ برسات وسڻ شروع ٿي وئي. اِهو رکيل آهي پردي ۾...!! پردي ۾ اللہ پاڪ جي رضا رکيل آهي، رحمتن جي حقداري رکيل آهي، جنت جي حقداري رکيل آهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي گهر ۾ پردي جو نظام مضبوط ڪريون. * سؤٽ * پڦاٽ * ماروٽ * ماسات وغيره جيڪي ڪزنس (Cousins) هوندا آهن، انهن سڀني کان پردو آهي. اهڙي طرح هر اهو شخص جنهن سان شادي ڪري سگهجي ٿي، ان کان پردو ڪرڻ لازم آهي. اهڙي طرح ڏير ۽ ڀاڄائيءَ جو به پردو آهي. ڪاش! اسان پنهنجن گهرن ۾ پردي جو نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون.
ان جي لاءِ اسان کي پيار ۽ محبت سان ڪوشش ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن لڙائي، جهڳڙو ڪنداسين، ڀيڻ کي دڙڪا ڏينداسين، ماءُ پيءُ سان جهيڙو ڪنداسين ته پردي جو نظام قائم ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، اُلٽو گناهن جو سلسلو وَڌِي وڃڻ جو سخت خطرو آهي. تنهنڪري پيار ۽ محبت سان نظام
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami