Share this link via
Personality Websites!
477493
9428
جا فرشتا کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن اللہ وارن جون برڪتون...!! انهن جي زيارت ڪرڻ جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن، انهن جو ذِڪر ڪرڻ جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن، انهن جي صحبت ۾ ويهڻ جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن، اهي ته گهڻو پري جون ڳالهيون آهن. جنهن اللہ وارن کي ڏٺو به نه هجي، صرف انهن جي محبت ۾ انهن ڏانهن هلڻ شروع ڪري ڇڏي، اهو ڀلي ڪيڏو به وڏو گنهگار ڇو نه هجي، رحمت ۽ بخشش جو حقدار بڻجي ويندو آهي، ته پوءِ سوچيو! جيڪو ڏينهن رات اللہ وارن کي ياد ڪندو هجي، سندن زيارت ڪندو هجي، انهن جي صحبت ۾ ويهندو هجي، ان جي شان ۽ عظمت جو عالَم ڇا هوندو....!!
(3) انهن جي صدقي برسات وَسندي آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اللہ وارن جون وڌيڪ ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن؟ مان ڪجهه احاديثِ ڪريمه کي گڏ ڪري انهن جو خلاصو عرض ڪري رهيو آهيان: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: * اَبدال شام ۾ آهن. ([2]) * اَوتاد ڪُوفي ۾ آهن * نُجَباء مصر ۾ آهن * اَخيار زمين ۾ سير ڪندا رهندا آهن * قطب زمين جي چئني ڪنارن تي رهندا آهن. ([3])
هِي سڀ اولياءِ ڪرام جا مختلف درجا آهن. ڪجهه اولياءَ ابدال جي درجي تي هوندا آهن، ڪجهه اوتاد جي درجي تي هوندا آهن، ڪي نجيب هوندا آهن ۽ ڪي قطب هوندا آهن. هي سڀ ولايت جا مختلف درجا آهن.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami