Share this link via
Personality Websites!
477491
9428
جڏهن هڪ قتل سموري انسان ذات جو قتل آهي ته پوءِ سوچيو! 99 ماڻهن کي قتل ڪرڻ ڪيڏو وڏو گناهه هوندو.
خير! 99 قتل ڪرڻ کان پوءِ ان کي هوش آيو، ارادو ڪيائين ته هاڻي مان توبهه ڪري وٺان. تنهنڪري مسئلو پڇڻ لاءِ ڪنهن وٽ ويو؛ پڇيائين: مون 99 قتل ڪيا آهن، ڇا منهنجي توبهه قبول ٿيندي؟ اُهو شخص جنهن کان مسئلو پڇي رهيو هو، اُهو پاڻ به ڪو عالم نه هو. تنهنڪري هن 99 قتل ٻڌندي ئي پنهنجن ڪنن تي هٿ رکيا ۽ چوڻ لڳو توبهه توبهه! ايڏو وڏو گناهه ...!! هن جي توبهه هرگز قبول نه ٿي ٿي سگهي.
99 قتل ڪري هُو اڳ ئي بي ڊپو ٿي چڪو هو، هن سوچيو ته توبهه ته قبول ٿيڻي نه آهي، ڇو نه هن کي به ماري ڇڏيان ٿو. تنهنڪري هن غلط مسئلو ٻڌائڻ واري کي به قتل ڪري ڇڏيو. هاڻي 100 قتل پورا ٿي ويا.
پر سندس دل بيچين هئي. وري کيس خيال آيو ته ڀلا ڪنهن ٻئي کان مسئلو پڇان. هاڻي هي واقعي ڪنهن عالمِ دين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، کانئس پڇيائين: مون 100 قتل ڪيا آهن، ڇا منهنجي لاءِ توبهه آهي؟ عالم کيس جواب ڏنو: ها! بلڪل توبهه آهي، اللہ پاڪ جي رحمت تمام وڏي آهي. تون توبهه ڪر، اللہ پاڪ قبول فرمائيندو. جيئن ته سندس گناهه تمام وڏو هو، تنهنڪري ان عالمِ دين توبهه ڪرڻ ۽ گناهه مٽائڻ جو نسخو ٻڌائيندي کيس چيو: فلاڻي ڳوٺ ۾ اللہ پاڪ جا نيڪ ٻانها رهندا آهن، تون اتي هليو وڃ! انهن جي قرب ۾ وڃي توبهه ڪندين ته اللہ پاڪ جي رحمت جو حقدار ٿي ويندين.
تنهنڪري اهو شخص توبهه جي ارادي سان ان ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو. هاڻي روايت کي ٿورو غور سان ٻڌجو. اُن 100 ماڻهن جي قاتل جي دل ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami