Share this link via
Personality Websites!
477490
9428
جتان جتان گذرندا ويندا آهن، اُتي اُتي نورِ ايمان ۽ نورِ هدايت ورهائيندا ويندا آهن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اللہ وارن جي برڪتن مان هي به آهي ته انهن جي برڪت سان عذاب ٽري ويندا آهن ۽ گنهگار ٻانها اللہ پاڪ جي رحمت جا حقدار بڻجي ويندا آهن. حضرت ڪعبُ الاحبار رحمۃُ اللہِ علیہ ، جيڪي تابعي بزرگ آهن، پاڻ توريت شريف ۽ قرآن ڪريم ٻنهي آسماني ڪتابن جا عالم هئا. فرمائن ٿا: حضرت نوح علیہ السَّلام کان وٺي اڄ تائين هر امت ۾ اهڙا 14 فرد موجود رهيا آهن. زمين ڪڏهن به اهڙن 14 فردن کان خالي نه رهي آهي، جن جي برڪت سان عذاب ٽري ويندا آهن. ([1])
توهان هيءَ حديث پاڪ ته ڪيترائي ڀيرا ٻڌي هوندي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم گذريل اُمتُن جو هڪ واقعو ٻڌايو، فرمايائون: هڪ شخص هو، جنهن 99 قتل ڪيا هئا.
اللہُ اکبر! سوچيو! اُهو ڪيڏو نه گنهگار شخص هوندو، اللہ پاڪ فرمائي ٿو
فَكَاَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِیْعًاؕ-
ترجموڪنزالعرفان: ڄڻ ان سڀني انسانن کي قتل ڪري ڇڏيو (پارو: 6، سورة مائده: 32)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami