Share this link via
Personality Websites!
477489
9428
دينِ اسلام واقعي سچو دين آهي ته 2 پيالا پاڻي ۽ 2 مانيون عطا فرماءِ ۽ جيڪڏهن ابراهيم خواص واقعي بلند رتبي وارا ولي آهن ته ايترو ئي وڌيڪ عطا فرماءِ. پوءِ هڪ ٿال لٿو، جنهن ۾ 4 پيالا ۽ 4 مانيون هيون، ان مان مون ڄاڻي ورتو ته اسلام سچو دين آهي ۽ توهان واقعي الله پاڪ جا سچا ولي آهيو. ([1])
حضرت ابُو حَسن قَوّاس رحمۃُ اللہِ علیہ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان ۽ مون سان گڏ تمام گهڻا ماڻهو حضور غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ جي زيارت لاءِ روانا ٿياسين. اسان سڀ پنهنجين پنهنجين مشڪلاتن ۽ پريشانين جي حل لاءِ دعا ڪرائڻ جو ارادو ڪري هليا هئاسين. رستي ۾ ٻيا ماڻهو به اسان سان گڏ شامل ٿي ويا. انهن ۾ هڪ ڇوڪرو به هو، جنهن کي مان سڃاڻيندو هئس. اهو تمام بُري اخلاق وارو هو. خير! اسان سڀ بارگاههِ غوثيت ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته اتفاق سان حضور غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ سان رستي ۾ ئي ملاقات ٿي وئي. اسان سڀني اڳتي وڌي کين سلام ڪيو ۽ هڪ هڪ ڪري سندن مبارڪ هٿن کي چمڻ لڳاسين. اهو ڇوڪرو، جنهن جا اخلاق سٺا نه هئا، جڏهن حضور غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ جي هٿن کي چمڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته حضور غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ پنهنجن مبارڪ هٿن کي پوئتي هٽائي ورتو. پوءِ هڪ نگاهه ان ڇوڪري تي وِڌائون، سرڪارِ غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ جي مبارڪ نگاهه جي تاب نه سهندي اهو ڇوڪرو بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن کيس هوش آيو ته هن فوراً پنهنجي بد اخلاقيءَ کان توبهه ڪئي، پوءِ غوثِ پاڪ رحمۃُ اللہِ علیہ ساڻس هٿ ملايو.([2])
سُبْحٰنَ اللہ! اِهي آهن اللہ وارن جون برڪتون...! هِي نوراني ماڻهو هوندا آهن،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami