Share this link via
Personality Websites!
477488
9428
حضرت ابراهيم خواص رحمۃُ اللہِ علیہ تمام وڏا وليُ اللہ ٿي گذريا آهن. هڪ ڀيري پاڻ سفر ۾ هئا، جهنگلن ۽ بيابانن مان گذري رهيا هئا ته هڪ غير مسلم سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کين چوڻ لڳو: مان توهان جي صحبت ۾ رهڻ چاهيان ٿو. پاڻ کيس اجازت ڏنائون ۽ فرمايائون: مون وٽ کائڻ پيئڻ جو انتظام نه آهي، اللہ پاڪ ڏيندو آهي ته کائيندو آهيان، نه ته بکيو رهندو آهيان، تنهنڪري مون سان گڏ رهڻو اٿئي ته اهڙي طرح ئي رهڻو پوندئي. اهو شخص راضي ٿي ويو.
7 ڏينهن تائين پاڻ سفر فرمائيندا رهيا، ست ئي ڏينهن بک تي رهيا، ستين ڏينهن ان غير مسلم جي برداشت ختم ٿي وئي، بک ۽ اڃ سبب بيحال ٿي ويو. چوڻ لڳو: اي ابراهيم خواص! توهان جي ولايت جا چرچا آهن، ڪجهه ڪريو! هاڻي وڌيڪ بک برداشت کان ٻاهر آهي. سندس اِها ڳالهه ٻڌي پاڻ سِرُ سجدي ۾ رکيائون، رب ڪريم جي بارگاهه ۾ دعا ڪيائون، جيئن ئي مٿو مٿي کنيائون ته هڪ ٿال سندن ڀرسان رکيل هو، ان ۾ 2 مانيون ۽ 2 پيالا پاڻي جا هئا. انهن پاڻ به کاڌو ۽ اُن غير مسلم کي به کارايائون ۽ پوءِ اڳتي روانا ٿي ويا.
7 ڏينهن ٻيا به گذري ويا. بک وري به کين بيحال ڪري ڇڏيو، هن ڀيري ان غير مسلم پنهنجو سِرُ سجدي ۾ رکيو. جڏهن مٿو مٿي کنيائين ته 2 مانيون ۽ 2 پيالا پاڻي جي بدران 4 مانيون ۽ 4 پيالا پاڻي جا موجود هئا. جن کي ڏسي اُهو غير مسلم چوڻ لڳو: اي ابراهيم! توهان جي لاءِ 2 خوشخبريون آهن. هڪ اِها ته مون کي ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪري ڇڏيو! ٻي اِها ته اللہ پاڪ جي بارگاهه ۾ توهان جو تمام وڏو بلند مقام آهي. ان جو راز هي آهي ته مون سِرُ سجدي ۾ رکي اللہ پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: يا اللہ پاڪ! جيڪڏهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami