Share this link via
Personality Websites!
477487
9428
مَاشَآءَ اللہ! پهريان ته اُن نوجوان جي اولياءِ ڪرام سان عقيدت ڏسو، ڪيڏي نه ڪمال جي هئي ...!! ۽ باقي جيڪي 9 نوجوان هئا، سي به اللہ وارن سان وڏي عقيدت رکڻ وارا هئا. جيئن ئي انهن حضرت بشر حافي رحمۃُ اللہِ علیہ جو پاڪ نالو ٻڌو ته سڀني وڏي عقيدت ۽ محبت سان ان هنداڻي کي چمڻ ۽ اکين سان لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
سُبْحٰنَ اللہ! اللہ وارن سان عقيدت ڏسو، ڪيڏي نه ڪمال جي آهي. عرض ڪري ڇڏيان ته هي ٽين صدي هجريءَ جو واقعو آهي. ان مبارڪ زماني ۾ جڏهن غفلت ۾ ٻڏل نوجوان اللہ وارن سان اهڙي عقيدت رکندا هئا ته سوچيو! نيڪ ماڻهن جو حال ڇا هوندو...؟
خير! انهن نوجوانن ان هنداڻي کي وڏي عقيدت سان چُميو، پنهنجين اکين سان لڳايو. بس الله واري جي هٿ لڳائڻ واري جاءِ جو احترام ڪرڻ جي دير هئي، انهن سڀني جي دل جي دنيا ئي بدلجي وئي. ان ئي وقت انهن سڀني پنهنجن گذريل گناهن کان توبهه ڪئي ۽ ڏينهن رات عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهن اللہ وارا. انهن جو پنهنجو ته شان ڇا هوندو، پر سندن مبارڪ هٿ جتي لڳي وڃي، ان جاءِ کي ڏسڻ ۽ ان جو احترام ڪرڻ سان به دلين ۾ ذِڪرُ اللہ جي محبت پيدا ٿي وڃي ٿي. معلوم ٿيو ته اللہ وارا ذِڪرُ اللہ جون چاٻيون آهن، انهن جي برڪت سان غفلت جا تالا کلندا آهن ۽ دليون نيڪين ڏانهن مائل ٿي وينديون آهن.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami