Share this link via
Personality Websites!
477068
9404
پيارا اسلامي ڀائرو! مان اوهان کي هڪ لطف واري ڳالهه ٻڌايان؛ آئينو جيڪو هوندو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجو مُنهُن ڏسندا آهيون، شاعرن جي نظر ۾ آئينو بي وفا شمار ڪيو ويندو آهي. ڪنهن چيو هو:
آئِینَہ نَیْسْتْ دِلْ کَہ دَہَدْ جَا بَہ ہَرْ کَسَے
اِیْںْ پَارَۂِ عَقِیْق بَنَامِ تُو کَنْدَہ شُدْ
وضاحت: يعني منهنجي دل آئينو نه آهي، جو هر ڪنهن کي پنهنجي اندر جاءِ ڏيندي رهي. پر منهنجي دل عقيق پٿر جيان آهي، اي محبوب! ان ۾ تنهنجو نالو نقش ٿي چڪو آهي، هاڻي هِن دل ۾ ڪنهن ٻئي جي لاءِ جاءِ نه آهي.
ته آئينو جيڪو آهي، ان کي بي وفا چيو ويندو آهي. جيڪو ان جي سامهون اچي ويندو آهي، هُو ان جو عڪس پنهنجي اندر ۾ لاهي وٺندو آهي. هڪ منٽ جي به دير نه ڪندو آهي. مان آئيني جي سامهون بيهان ته هُو پنهنجي اندر منهنجو عڪس لاهي ڇڏيندو، مان اڃان هَٽندس ئي مَسَ ته ٻيو اچي ويندو، ته آئيني جي اندر مان منهنجو عڪس ختم ٿي ويندو ۽ ان ٻئي جو عڪس منهنجي جاءِ تي اچي ويندو، اِها بي وفائي آهي. پر قربان وڃان! هي آئينو به رُخِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو ديوانو آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جڏهن دنيا کان ظاهري طور پردو فرمايو، ته صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهمْ جي مٿان ته ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي هئي. جن کي چهرهءِ مصطفيٰ ڏسڻ کان سواءِ هڪ پل به چين نه ايندو هو، هاڻي انهن کي اُها نعمت ميسر نه هئي. روايت ۾ آهي: جڏهن به ديدارِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ڪرڻ لاءِ دل تمام گهڻي بي چين ٿي ويندي هئي ته صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهمْ مسلمانن جي پياري اَمِّي جان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami