Share this link via
Personality Websites!
477066
9404
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت حليمه سعديه رَضِيَ اللهُ عَنْها، جن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي خدمت جي سعادت حاصل ٿي، روايت ۾ آهي ته جڏهن پاڻ رَضِيَ اللهُ عَنْها محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي کڻڻ جي لاءِ آيون هيون ته ان وقت پاڻ رَضِيَ اللهُ عَنْها نبي پاڪ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي هنج ۾ کڻي ڪعبي شريف وٽِ آيون
الله اکبر...!!اُهو ڪيڏو نه حسين منظر هوندو...!! ڪعبو، جن جي بارگاهه ۾ سلاميءَ لاءِ جهڪندو آهي، اڄ اُهي ئي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ ڪعبي شريف جي سامهون هئا. ان وقت ڪعبي شريف جي چوڌاري سوين مجسما رکيل هئا، جن جي ماڻهو پُوڄا ڪندا هئا. روايت ۾ آهي ته جيئن ئي سيده حليمه سعديه رَضِيَ اللهُ عَنْها ڪعبي شريف جي ويجهو پهتيون ته محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ جو پُرنور چهرو ڏسڻ سان ئي سمورا مجسما هڪ هڪ ٿي مُنهَن ڀَر ڪِرَڻ لڳا.
چاند سا چمکاتے چِہرہ نُور برساتے ہوئے آ گئے بدرُ الدُّجیٰ، اَہلاً وَّ سَہْلاً مرحبا
جُھک گیا کَعْبہ سبھی بُت مُنہ کے بل اَوندھے گرے دبدبہ آمد کا تھا، اَہلاً وَّ سَہْلاً مرحبا ([1])
روايت ۾ وڌيڪ آهي ته سيده حليمه سعديه رَضِيَ اللهُ عَنْها جيئن ئي حجرِ اسود کي چمڻ لاءِ ان جي ويجهو ويون، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ سندن هنج ۾ ئي هئا حجر جي لاءِ به ڄڻ عيد ٿي وئي ته محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ تشريف کڻي آيا آهن، تنهنڪري
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami