Share this link via
Personality Websites!
477086
9404
طالبِ علمِ دين هجو.([1]) * هڪ روايت مطابق صبح جي وقت قرآن مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعتون نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.([2]) الحمدلله! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن * ان ۾ 3 قرآني آيتون * انهن جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌو ۽ ٻڌايو ويندو آهي * فيضانِ سنت مان درس ٿيندو آهي * شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي * دعا ٿيندي آهي ۽ * آخر ۾ اشراق ۽ چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن. توهان به تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت ڪرڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ لاءِ ويندو آهي، ان کي عمري جو ثواب ملندو آهي.([3]) * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي * سڄو ڏينهن سٺو گذرندو * صبح صبح دين جو علم سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو * شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو * انهن جي محبت دل ۾ پيدا ٿيندي * اولياءِ ڪرام جي روحاني توجهه ملندي * ايمان تازو ٿيندو * انهن جي وسيلي سان ڪيل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿينديون * هڪ وڏي برڪت هي آهي ته نمازِ فجر کان نمازِ اشراق تائين مسجد ۾ رهڻ سنتِ مصطفيٰ آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي سعادت ملي ويندي * حديث پاڪ مطابق جيڪو نمازِ فجر کان پوءِ ذڪرُ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق ۽ چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باهه نه ڇهندي. ([4])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami