Share this link via
Personality Websites!
477084
9404
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته ڏاڙهي شريف اسان جي زينت آهي. ڏاڙهي رکڻ ۾ حسن به آهي، ثواب به آهي ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان آخرت ۾ نجات به آهي.
فرمانِ مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم:
خَالِفُوا الْمُشْرِکِیْنَ وَاَوْفُوْا اللِّحْیَ وَاحْفُوْا الشَّوَارِبَ
ترجمو: غير مسلمن جي مخالفت ڪريو...! ڏاڙهيون وڌايو....! ۽ مُڇون خوب ننڍيون رکو...! ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي شريف سجائڻ جا فائدا ۽ ڪوڙائڻ جا نقصان ئي نقصان آهن، ان جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن؟ ٻڌو! * ڏاڙهي رکڻ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي سنت آهي * ڏاڙهي مرد جي زينت آهي * ڏاڙهي رکڻ سان عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو آهي * ڏاڙهي رکڻ سان چمڙيءَ جي بيمارين کان حفاظت ٿيندي آهي * ڏاڙهي ڳلي ۽ سيني کي نقصان پهچائڻ وارن جراثيمن کي روڪيندي آهي * ڏاڙهي دَمَ ۽ ڦڦڙن جي بيماريءَ کان محفوظ رکندي آهي * ڏاڙهي خناق (Croup) جي بيماريءَ کان بچائيندي آهي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami