Share this link via
Personality Websites!
477082
9404
نهايت خوبصورت هو* حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: مان رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم کان وڌيڪ حَسِين ڪنهن ٻئي کي نه ڏٺو. سندن چهرو مبارڪ ايترو ته نوراني هو، ڄڻ اُن پُرنور چهري ۾ سج چمڪي رهيو هجي. ([1])
اعليٰ حضرت رحمۃُ اللہِ علیہ لکن ٿا:
ک گیسو، ہ دَہن، یٰ اَبْرو آنکھیں عٓ صٓ
کٓہیعٓصٓ اُن کا ہے چہرہ نُور کا ([2])
خدا انهن کي ڪيڏي نه پيار سان ڏسي رهيو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! هي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم جي پُرنور چهري جو مختصر تذڪرو هو. توهان ڏسو! هي ڪيڏو نه حسين ترين پاڪ چهرو آهي: * وڻ * پٿر * انسان * فرشتا * جنات ۽ ٻيو ڇا چوان * خود انهن جي خالق ۽ مالڪ، الله پاڪ کي به سندن پُرنور چهرو پسند آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي:
وَ اصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَاِنَّكَ بِاَعْیُنِنَا (پارو: 27، سورة طور: 48)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اي محبوب! اوهان پنهنجي رب جي حڪم تي قائم رهو جو بيشڪ اوهان اسان جي نگاهن (حفاظت)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami