Share this link via
Personality Websites!
477064
9404
فرمايائون: اي منهنجا پيارا امتي! جنهن وات سان تون مون تي درود پڙهندو آهين، اوري آءُ ته مان اُن وات کي چُمي ڏيان ....!!
قربان مَیں اُن کی بخشش کے، مقصد بھی زباں پر آیا نہیں
بِن مانگے دیا اور اتنا دیا، دامن میں ہمارے سمایا نہیں
اُن کا تو شِعار کریمی ہے، مائل بہ کرم ہی رہتے ہیں
جب یاد کیا اے صَلِّ عَلیٰ، وہ آ ہی گئے تڑپایا نہیں
حضرت محمد بن سعيد رحمۃُ اللهِ عليه فرمائن ٿا: جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَ سَلَّم جو فرمانِ ذيشان ٻڌي مون کي حيا آيو ته ڪٿي منهنجو وات ۽ ڪٿي حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَ سَلَّم جا پيارا پيارا، سهڻا سهڻا مبارڪ چَپَ ...!! اهو سوچي مون حياءَ سبب پنهنجو چهرو جهڪائي ڇڏيو، هاڻي سراپا حسن و جمال، بيبي آمنه جي لال صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَ سَلَّم پاڻ منهنجي ڳل تي چمي ڏني ....!!
ارمان زَدوں کی ہیں تمنائیں بھی پیاری ارمان نکالا تو کس ارماں سے نکالا ([1])
حضرت محمد بن سعيد رحمۃُ اللهِ عليه وڌيڪ فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَ سَلَّم مون کي هِن عنايت سان اڃان نوازيو ئي هو ته منهنجي اک کلي وئي، منهنجي گهَرواري (Wife) جيڪا ويجهو ئي سُتل هئي، اها به جاڳي پئي، اسان جو گهر پاڪيزه نبي، مڪي مدني، رسولِ عربي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَ سَلَّم جي خوشبو سان مهڪي رهيو هو ۽ منهنجو ڳل ته 8 ڏينهن تائين مَهڪندو رهيو.([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami