Share this link via
Personality Websites!
477078
9404
۽ سنهيون هيون * ٻنهي مبارڪ ڀِرُن جي وچ ۾ هڪ رڳ هئي، جيڪا جلال جي وقت اُڀري پوندي هئي ([1])
ڪڏهن ڪڏهن محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا مبارڪ وار پيشانيءَ تي ٻنهي ڀِرُن جي مٿان اچي ويندا هئا. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم انهن کي هٽائڻ کان سواءِ ئي انهن تي سجدو فرمائيندا هئا. حضرت جابر بن عبدالله رَضِيَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا:
راَیْتُ رُسُوْلَ اللہِ يَسْجُدُ عَلٰى قِصَاصِ شَعَرِ هٖ
ترجمو: مون پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي پنهنجن مبارڪ وارن تي سجدو ڪندي ڏٺو آهي. ([2])
خَمِ زُلْفِ نبی سَاجِد ہے مَحْراب دو اَبرو میں
کہ یارَبّ! تُو ہی والی ہے سِیہ کارانِ اُمّت کا ([3])
وضاحت: پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي مبارڪ پيشانيءَ تي ڀِرن جي محراب جي وچ ۾ مبارڪ زلفون ائين جهڪيل معلوم ٿينديون آهن، ڄڻ سجدي ۾ هجن ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪري رهيون هجن ته: اي منهنجا رب! تون ئي هن امت جي گنهگارن، خطاڪارن ۽ سياهه ڪارن جو والي ۽ مددگار آهين.
* سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جون مبارڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami