Share this link via
Personality Websites!
477077
9404
* اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا مبارڪ ڪَنَ نهايت حسين، خوبصورت ۽ ڪامل هئا * پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا ڪَنَ مبارڪ نهايت ڀُورا هئا * ۽ مبارڪ زلفون انتهائي ڪاريون هيون * جڏهن مبارڪ زلفون سندن مبارڪ ڪَنَن کي پنهنجي ڪَمَندن جي گهيري ۾ وٺنديون هيون ته تمام پيارو منظر هوندو هو. مسلمانن جي پياري اَمِّي جان حضرت عائشه صديقه رَضِيَ اللهُ عَنْها هن خوبصورت منظر کي بيان ڪندي فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي مبارڪ زلفن جي وچ ۾ سندن ڀُورا ڀُورا مبارڪ ڪن ائين لڳندا هئا، ڄڻ رات جي اونداهيءَ ۾ ٻه ستارا چمڪي رهيا هجن. ([1])
مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني ڇا خوب فرمايو آهي
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين، مان نه رڳو.
ڪيئي گهايل تنهنجي گهُور سندا،
مخمور غفور سُرور سندا،
تنهنجي نور ظهور حضور سندا،
نگران هزارين، مان نه رڳو.
* پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جون مبارڪ ڀِرُون ڪَمان وانگر خمدار، ڊگهيون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami