Share this link via
Personality Websites!
477074
9404
پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت ۾ هڪ ٻي تمام خوبصورت ۽ ايمان افروز ڳالهه آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي پاڪ حسن، خاص طور تي پُرنور چهري جو تعارف ڪرائيندي صحابه ڪرام ڪيترائي لفظ استعمال ڪيا آهن. مثال طور: * ڪنهن چيو آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ جو رخِ انوار چوڏِهينءَ جي چنڊ جيان روشن هو.([1]) * ڪنهن چيو آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ جو پُرنور چهرو ائين لڳندو هو ڄڻ چنڊ جو ٽڪرو هجي. ([2]) * ڪنهن چيو آهي ته سندن پُرنور چهري کان وڌيڪ حَسِين ڪا ٻي شيءِ نه هئي، ائين لڳندو هو ڄڻ سندن رُخِ انور ۾ سج ٻُرِي رهيو هجي.([3])، پر هن روايت ۾ صحابيءِ رسول چهرهءِ پُرنور جي حسن کي هڪ عجيب ئي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، فرمائن ٿا:
كَاَنَّ وَجْهَهٗ وَرَقَةُ مُصْحَفٍ
ڄڻ سندن پاڪ چهرو قرآن شريف جو ورق هو. ([4])
سُبْحٰنَ الله! هڪ فارسي شاعر لکيو آهي:
آیَاتِ قُرْآں اَبْرُویَت، تَفْسِیْرِ قُرْآن گَیْسُوْیَت
اَے رُوْئے تَو قُرْآنِ مَا، اِیْماں تُوئِی اِیْمَاں تُوْئِی
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami