Share this link via
Personality Websites!
477073
9404
ڪريو...!! پوءِ حجري پاڪ جو پردو هيٺ ڪيائون ۽ اندر تشريف وٺي ويا. ([1])
اُنهن صحابه جي خوش اطوار نگاهن کي سلام
پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت ۾ ڪجهه ڳالهين تي ٿورو غور فرمايو! (1): اڄ جتي روضهءِ پُرنور آهي، اهو حضرت عائشه صديقه رَضِيَ اللهُ عَنْها جو حجرو هو. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پنهنجي ظاهري زندگي مبارڪ جا آخري ڏينهن هتي ئي گذاريا. هن ئي حجري پاڪ جي دروازي تان پردو کڻي پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهمْ کي ديدار جو شرف بخشيو.
جيڪڏهن اوهان کي شرف حاصل ٿيو هجي ته اوهان ڏٺو هوندو ته مسجدِ نبوي شريف ۾ جتي پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي مصلّي وڇائڻ جي جاءِ آهي، ان جاءِ تي قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهجي ته حجرهءِ عائشه دل واري پاسي ڏانهن هوندو آهي، يعني صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهمْ قبلي ڏانهن منهن ڪري نماز ۾ بيٺا هئا. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جڏهن مبارڪ پردو مٿي کنيو ۽ صحابه ڪرامرَضِيَ اللهُ عَنْهمْ کي ديدار جو شرف بخشيو ته ان وقت پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم انهن جي دل واري پاسي (Side) ڏانهن هئا. پر قربان وڃجي! صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهمْ جو عشق به ڪمال ۽ بي مثال آهي. نماز جي حالت ۾ آهن، رخ قبلي ڏانهن آهي، پر جيئن ئي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پردو مٿي کنيو، فوراً ئي سندن اکيون پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي طرف ڦِري ويون ۽ ديدارِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي لذت ۾ مشغول ٿي ويون.
سر ہے کعبہ کی طرف، دِل ہے تمہاری جانِب
ایسے سجدہ کو تو عُشّاق رَوَا جانتے ہیں
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami