Share this link via
Personality Websites!
477072
9404
مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم حجري پاڪ جو پردو مٿي کنيو. هاڻي هتي صحابيءِ رسول جا لفظ ٻڌو! فرمائن ٿا:
يَنْظُرُ اِلَيْنَا وَهُوَ قَائِمٌ، كَاَنَّ وَجْهَهٗ وَرَقَةُ مُصْحَفٍ
يعني پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم بيٺا هئا ۽ اسان ڏانهن ڏسي رهيا هئا، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو پاڪ چهرو ڄڻ قرآن شريف جو ورق هو. ([1])
جلوۂ مُصْحَفِ رُخ دِل میں جو پِنْہَاں ہو گا
پارے پارے میں مِرے قَلْب کے قرآں ہو گا ([2])
مولانا نعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ لکن ٿا:
جلوہ فرما ہیں جبینِ پاک میں آیاتِ حق
مصحفِ رُخ دیکھیے! تفسیرِ قرآں دیکھیے! ([3])
صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِيَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اسان نماز ۾ هئاسين، پر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي تشريف کڻي اچڻ جي خوشيءَ ۾ اسان جي چهرن تي تازگي ڦهلجي وئي. صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهمْ ته ديدارِ پاڪ جي لذت حاصل ڪرڻ لاءِ ايترا ته بي چين ٿي ويا جو قريب هو ته هُو نماز ئي ٽوڙي ڇڏين ها. حضرت ابوبڪر صديق رَضِيَ اللهُ عَنْه، جيڪي مُصلّي تي هئا، انهن سمجهيو ته شايد پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف کڻي اچي رهيا آهن، تنهنڪري مُصلّي کان پوئتي هٽي ويا، پر پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم اشاري سان فرمايو: نماز مڪمل
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami