Share this link via
Personality Websites!
476979
9400
پيارا اسلامي ڀائرو! علماءِ ڪرام هن آيتِ ڪريمہ جي جيڪا ٻي معنيٰ ذڪر ڪئي، ان مطابق هن آيتِ ڪريمہ ۾ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي 63 سالا ظاهري زندگي مبارڪ کي 2 حصن ۾ ورهايو ويو آهي (1): هڪ حصو اعلانِ نبوت کان اڳ جو آهي، (2): ٻيو حصو اعلانِ نبوت کان پوءِ جو آهي. الله پاڪ فرمايو:
وَ وَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدٰى۪(۷)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ ان توکي پنھنجي محبت ۾ گُم ڏٺو تہ پنھنجي طرف راھ ڏنائين. (سيپارو: 30، الضحيٰ: 7)
هي 2 حصا آهن: (1): اعلانِ نبوت کان اڳ جيڪو حصو آهي، ان بابت فرمايو:
وَ وَجَدَكَ ضَآلًّا
يعني اي پيارا محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي ظاهري زندگي مبارڪ جا جيڪي شروعاتي 40 سال آهن، انهن سالن ۾ توهان اسان جي محبت ۾ گم هئا (2): پوءِ ان کان بعد واري زندگي مبارڪ جو ٻيو حصو يعني اعلانِ نبوت ۽ ان کان پوءِ جي زندگي مبارڪ شروع ٿي، ان بابت فرمايو:
فَهَدٰى۪(۷)
يعني اي پيارا محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! محبت ۾ وارفتگي کان پوءِ اهو عرصو شروع ٿيو ته الله پاڪ توهان ڏانهن وحي موڪلي ۽ عَلَّمَكَ مَا لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami