Share this link via
Personality Websites!
476978
9400
وَ وَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدٰى۪(۷)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان توکي پنھنجي محبت ۾ گُم ڏٺو تہ پنھنجي طرف راھ ڏنائين. (سيپارو: 30، الضحيٰ: 7)
مطلب هي بڻبو ته اي پيارا محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! توهان جو ننڍپڻ شريف هو، توهان اڪيلا ڪٿي تشريف کڻي ويا هئا، ڏاڏا جان حضرت عبدالمطلب رَضِیَ اللهُ عَنْهُ به گڏ نه هئا، سيده حليمه سعديه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا به گڏ نه هيون، هزارين دشمنن جو خطرو هو، انهن مان ڪنهن جا هٿَ سندن دامنِ پاڪ طرف وڌن، اها ته تمام پري جي ڳالهه آهي، ابوجهل بدبخت پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن پٺي ڪرڻ جي جسارت ڪئي ته رب رحمٰن کي اهو به گوارا نه ٿيو، توهان جو رب ڪريم...!! جنهن ان وقت کين اڪيلو نه ڇڏيو، هاڻي به توهان کان عنايتون بند نه فرمائيندو، تنهنڪري اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! تسلي رکو! توهان پنهنجي رب وٽ وڏو مقام رکو ٿا.
میں قربان کیاپیاری پیاری ہے نسبت یہ آنِ خدا وہ خدائے مُحَمَّد
مُحَمَّد کا دَمِ خاص بہرِ خدا ہے سِوائے مُحَمَّد برائے مُحَمَّد([1])
وضاحت: الله اکبر! نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي الله پاڪ سان ڪهڙي پياري نسبت آهي ته توهان الله پاڪ جي شان ۽ عظمت جو مظهر آهيو ۽ الله پاڪ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو خدا آهي، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زندگي جو هر هر ساهه انهن جي رب لاءِ آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami