Share this link via
Personality Websites!
476975
9400
پريشان هيون، انهيءَ حالت ۾ پاڻ مٿي تي هٿ رکي ڇڏيا، پريشاني ۾ ويهي ويون ته ڪريان ته ڇا ڪريان، محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڳوليان ته ڪٿي ڳوليان...؟
فرمائن ٿيون: مان مٿي تي هٿ رکي، پريشاني ۾ ويٺي هيس، ايتري ۾ هڪ پوڙهو شخص مون وٽ آيو، چيائين: اي سعديه! ڇا ڳالهه آهي؟ ڇو پريشان آهين.؟ مون چيو: منهنجو نورِ نظر هتي ئي ھئا، هاڻي خبر ناھي تہ ڪٿي هليا ويا آهن. اهو پوڙهو چوڻ لڳو: گهٻراءِ نه، مان ڪنهن اهڙي کي ڄاڻان ٿو، جيڪو انهن جو پتو ٻڌائي سگهي ٿو. پاڻ جلدي ۾ چيو: ٻڌاءِ! اهو ڪير آهي...؟ پوڙهي چيو: هُبُل (يعني اهو ڪوڙو بت جنهن کي قريش خدا مڃيندا هئا). هي ٻڌي سيده حليمه سعديه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کي جيڪا اميد لڳي هئي، سا ٽٽي پئي، پاڻ بي نيازيءَ سان فرمايائون: او پوڙها...!! تنهنجي ماءُ توتي روئي! تون نٿو ڄاڻين ته جنهن رات محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي هئي، ان رات تنهنجي هُبُل تي ڇا گذري هئي...؟ (هو منهن ڀر اونڌو ڪري پيو هو). فرمائن ٿيون: ان پوڙهي منهنجي نه ٻڌي ۽ پنهنجي عبادت خاني ۾ هليو ويو. ان هُبُل جي چوڌاري 7 چڪر لڳايا، چيائين: اي هبل! هي سعديه آهي! ھن جو پٽ محمد الائي ڪٿي آهي؟ ان جو پتو ٻڌائي ڇڏ...!! بس ايترو چوڻ جي دير هئي، جيئن ئي پيارو پيارو نالو محمد (صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم) ورتو ويو ته هُبُل ڏَڪيو ۽ منهن ڀر ڪري پيو. آس پاس جيترا بہ بت موجود هئا، سڀ هڪ ٻئي تي ڪِري ٽٽي پيا.
تیری آمد تھی کہ بیتُ اللہ مُجرے کو جھکا
تیری ہیبت تھی کہ ہر بُت تھر تھرا کر گر گیا([1])
وضاحت: يَا رسولَ الله صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! جڏهن پاڻ تشريف کڻي آيا ته بيت الله شريف کين سلامي ڏيڻ لاءِ حضرت آمنہ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي گهر ڏانهن جهڪي پيو ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami