Share this link via
Personality Websites!
476991
9400
سُبْحٰنَ اللہ! اھو ئي شانِ پاڪ آهي، جنهن جو هتي ذڪر ٿيو:
وَ وَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدٰى۪(۷)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ ان توکي پنھنجي محبت ۾ گُم ڏٺو تہ پنھنجي طرف راھ ڏنائين. (سيپارو: 30، الضحيٰ: 7)
الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ذيشان صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان گنهگارن کي به پنهنجي محبت ۽ الفت نصيب فرمائي.
والدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رحمةُ الله عليه جي فرمان جو خلاصو آهي: جيڪو محبتِ الاهي جو طلبگار آهي، پنهنجي دل کي باطني بيمارين کان پاڪ ڪري، الله پاڪ چاهيو ته ان کي پنهنجي محبت سان نوازي ڇڏيندو. وڌيڪ فرمائن ٿا: 9 شيون آهن، جيڪي محبتِ الاهي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار آهن: (1): هميشه باوضو رهڻ ته ان سان دل روشن ٿيندي آهي (2): خلوت (يعني گوشه نشيني، اڪيلائي) ته خلوت جي مدد سان ٻانهو دنياوي ڪم ڪار کان فارغ ٿي سگهي ٿو، ان سان حواس ساڪن ٿيندا آهن، يڪسوئي سان الله پاڪ کي ياد ڪرڻ جو، دل ۽ دماغ حاضر رکي الله پاڪ ڏانهن متوجهه ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي، خاص ڪري جيڪڏهن اونداهي گھر ۾ هجي ته خلوت جو وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي، جيڪو اونداهي ۾ نه ويهي سگهي، ان کي گهرجي ته پنهنجي مٿي تي ڪپڙو وجهي ڇڏي ۽ اکيون بند ڪري ڇڏي، اهڙي طرح اڪيلائي ۾ ويهي الله پاڪ کي ياد ڪندو ڪري (3): سڪوت يعني خاموشي ڇوته خاموشي سان عقل روشن ٿئي ٿو، سمجهڻ جي ۽ ياد رکڻ جي قوت مضبوط ٿئي ٿي (4): بک (يعني گهٽ کائڻ) (5):
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami