Share this link via
Personality Websites!
476986
9400
جيڪو سڄي جهان جو رب آهي ۽ صبح ۽ شام الله جي پاڪائي آهي).
وڌيڪ فرمائن ٿيون: رات جو جڏهن پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم آرام فرمائيندا هئا ته دل مبارڪ مان هي آواز ايندو هو: لَاِ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ قَدْ وَسَانَا الْعُیْوُنَ وَالْرَّحْمٰنُ لَا تَاْخُذُہُ سِنَۃٌ وَلَا نَوْمٌ (الله پاڪ کان سواءِ ڪو معبود ناهي، اسان جي اکين ۾ ننڊ اچي وئي پر رحمٰن اهو آهي، جنهن کي نه ننڊ اچي ٿي نه جھوٽو اچي ٿو. [1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو تہ شان عالي شان آهي...!! اعليٰ حضرت رحمة الله عليه لکن ٿا تہ:
اللہ! اللہ! وہ بچپنے کی پھبن! اس خُدا بھاتی صُورت پہ لاکھوں سلام([2])
هي ڪمال جي ڳالهه آهي، چوڌاري سڄو ماحول شرڪ وارو آهي، ڪو تارن جي پوڄا ڪري ٿو، ڪو سج کي خدا بڻائي ويٺو آهي، ڪو وڻن پٿرن جي عبادت ڪري ٿو، اهڙي ماحول ۾ محبوبِ ذيشان صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جو ڪهڙو نرالو ننڍپڻ هو، پاڻ پيدا ٿيندي ئي سجدو ڪن ٿا، ڳالهائڻ جي عمر ۾ پهچن ٿا ته الله پاڪ جو نالو پڪارين ٿا، معلوم ٿيو: * محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شروع کان ئي معرفت جي بلند ترين مقام تي پهتل هئا * پاڻ هي به ڄاڻندا هئا ته الله پاڪ جو وجود آهي * هي به ڄاڻندا هئا ته الله پاڪ هڪ آهي * هي به ڄاڻندا هئا ته هو سڀ کان وڏو آهي * هي به ڄاڻندا هئا ته هو هر قسم جي نقص ۽ عيب کان پاڪ آهي * هي به ڄاڻندا هئا ته سڀئي خوبيون الله پاڪ جون ئي آهن ۽ * هي به ڄاڻندا هئا ته سڀ تعريفون ڪنهن جون جيڪڏهن ٿي سگهن ٿيون ته اها صرف الله رب العزت جي بلند ذات آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami