Share this link via
Personality Websites!
476984
9400
حضرت ربيعه اسلمي رَضِیَ اللهُ عَنْهُ صحابيءِ رسول آهن، انھن جو واقعو مشهور آهي، هڪ ڀيري پاڻ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ وضو لاءِ پاڻي پيش ڪيو، محبوبِ ذيشان صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم خوش ٿي فرمايو: سَلْ! اي ربيعه! گهر! مون عرض ڪيو: اَسْاَ لُکَ مُرَافَقَتَکَ فِیْ الْجَنَّۃِ يعني يارسولَ الله صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! مان توهان کان جنت ۾ توهان جو پاڙو گهران ٿو. [1]
سائل ہوں ترا، مانگتا ہوں تجھ سے تجھی کو معلوم ہے مجھ کو تری اِقرار کی عادت
ان تي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: فَاَعِنِّي عَلَى نَفْسِكَ بِكَثْرَةِ السُّجُود يعني ڪثرت سان سجدا ڪري پنهنجي نفس تي منهنجي مدد ڪر! [2]
مالک ہیں خزانۂ قُدرَت کے، جو جس کو چاہیں دے ڈالیں
دی خُلد جنابِ رَبِیعہ کو، بگڑی لاکھوں کی بنائی ہے([3])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو: ڪثرت سان سجدا ڪرڻ جنت ۾ آقا صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو ڏياريندڙ عمل آهي. ڪيترو آسان (Easy) عمل آهي...!! ڪثرت سان سجدا ڪرڻا آهن، اسان روزانو پنج ئي نمازون (فرض، سنتون ۽ نوافل وغيره ملائي مڪمل) ادا ڪريون ته 48 رڪعتون بڻجن ٿيون، هر رڪعت ۾ 2 سجدا، هي ڪل 96 سجدا ٿي ويا، گڏوگڏ تهجد جا وڌيڪ نه تڏھن به 2 نفل ملائي وٺو! 100 سجدا ٿي ويا، اشراق چاشت جون گهٽ ۾ گهٽ 4 رڪعتون وڌيڪ شامل ڪريو! 108 سجدا ٿي ويا، 6 رڪعتون اوابين جي نوافل جون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami