Share this link via
Personality Websites!
476493
9379
ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اولين و آخرين ۽ قيامت جي ڏينهن جون خبرون ڏين ٿا. ([1])
وَ عَلَّمَكَ مَا لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُؕ-وَ كَانَ فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكَ عَظِیْمًا(۱۱۳) سيپارو 5، سورة النساء، آيت 113 ۾ آهي:
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اوھان کي اھو سڀ سيکاريو جيڪو اوھان نہ ڄاڻيندا ھُيئو ۽ اوھان تي اللھ جو فضل تمام وڏو آھي.
سُبْحٰنَ اللہ! هن آيت ته علمِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي وسعت کي کولي بيان ڪري ڇڏيو. ڏسو! هن جڳهه تي ائين نه فرمايو ته توهان کي احڪامِ شريعت جو علم ڏنو يا فلاڻي ڳالهه جو علم ڏنو فلاڻي جو نه، بلڪه فرمايو: جيڪي ڪجهه توهان نه ڄاڻيندا هئا اهو سڀ ڪجهه توهان کي سيکاريو ويو. ([2])
معلوم ٿيو: جيڪا جيڪا ڳالهه حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم نه ڄاڻيندا هئا، اهي سڀ ڳالهيون الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کي سيکاري ڇڏيون.
هر شيءِ روشن ٿي وئي
صحابيءِ رسول حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو فجر جي نماز جو وقت هو، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم معمول (Routine) کان هٽي ڪري ڪجهه دير سان آيا، نمازِ فجر پڙهائي، پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مان رات جو اٿيس، نوافل ادا ڪيا، نماز دوران مون کي ننڊ اچي وئي ته مون خواب جي حالت ۾ پنهنجي الله پاڪ کي نهايت حسين صورت ۾ ڏٺو، مون ڏٺو ته الله پاڪ پنهنجو هٿ مبارڪ (جيئن ان جي شان جي لائق آهي) منهنجي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ رکيو ايتري تائين جو مون ان جي ٿڌاڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami