Share this link via
Personality Websites!
476491
9379
ڀلا ٻڌايو! ٻيو علمِ غيب ڪنهن کي چئبو آهي...؟
بھلا عالَم سی شے مخفی رہے اس چشم حق بیں سے کہ جس نے خالقِ عالم کو بے شک بالیقیں دیکھا([1])
وضاحت: ڀلا ان اک کان هيءَ دنيا جهان ڪيئن پوشيده (مخفي) رهي سگهي ٿو...؟ جنهن مبارڪ اکين هن دنيا جهان جي خالق ۽ مالڪ جو يقيناً ديدار ڪيو آهي
بابا ڪرم اِلاهيءَ جي دلچسپ حڪايت
فقيهِ اعظم مولانا شريف ڪوٽلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏا عالمِ دين ٿي گذريا آهن. ڪتابن ۾ لکيل آهي: هڪ ڏينهن سندن خدمت ۾ بابا ڪرم اِلاهي نالي هڪ بدمذهب آيو ۽ چيائين: توهان چئو ٿا ته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کي علمِ غيب حاصل هو. فرمايائون: ها! بلڪل منهنجو عقيدو آهي ته الله پاڪ محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کي علمِ غيب عطا فرمايو آهي. بابا ڪرم اِلاهي رڙ ڪري چيو: ڇا حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کي منهنجي به خبر هئي ته هڪ شخص ڪرم الاهي به هوندو؟ فقيهِ اعظم وڏي اطمينان سان فرمايو: يقينًا علم هو ۽ صرف تنهنجو ئي نه بلڪه تنهنجي ابي ڏاڏي جو به علم هو ۽ هن ڳالهه جو به علم هو ته تون ڪير آهين ۽ ڪهڙي خاندان سان تنهنجو تعلق آهي. بابا ڪرم الاهي هاڻي رڙ ڪري چيو: ڪٿي لکيل آهي، مون کي ڏيکاريو...؟؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مشڪوٰة شريف کولي ان جي سامهون رکيائون ۽ اها ئي حديث پڙهي ٻڌايائون جيڪا هينئر اسان ٻڌي. هيءَ حديث ٻڌائي حضرت فقيهِ اعظم فرمايو: تنهنجو نالو وغيره مڪمل پتو ساڄي هٿ واري ڪتاب (يعني جنهن ۾ اهلِ جنت جا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami