Share this link via
Personality Websites!
476489
9379
ضلعي، صوبي يا ملڪ جو نه پر سڄي دنيا جو هو. توهان اندازو لڳايو! ايترو وڏو رڪارڊ جنهن کي لکڻ جي لاءِ هزارين نه لکين صفحا درڪار هوندا، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ايترو وڏو رڪارڊ پنهنجي هٿ ۾ کنيو هو.
سُبحانَ الله!
جن کو بارِ دو عالَم کی پروا نہیں ایسے بازُو کی قُّوّت پہ لاکھوں سلام
فرش تا عرش ہے جس کے زیرِ نگیں اُن کی قاہِر حکومت پہ لاکھوں سلام
طاقتِ مصطفيٰ مرحبا...!! مرحبا!
سُبْحٰنَ اللہ! ان ٻانهُن مبارڪ جي زور ۽ طاقت جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي، غزوهءِ خندق جو موقعو هو، صحابيءِ رسول حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اسان خندق جي ڏينهن کوٽائي ڪري رهيا هئاسين ته هڪ سخت پٿر سامهون اچي ويو، جنهن کي ٽوڙڻ جي اسان 3 ڏينهن کان ڪوشش ڪري رهيا هئاسين، پر تڏهن به ان کي ٽوڙي نه سگهيا هئاسين، صحابهءِ ڪرام بارگاهه رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: هڪ پٿر خندق کوٽڻ ۾ آزمائش بڻيل آهي، مالڪ و مختار آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اسان لهنداسين، حضور اٿيا، جيتوڻيڪ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جن جي پيٽ تي پٿر ٻڌل هو، ربّ جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ڪوڏَر (زمين کوٽڻ جو هڪ تيز اوزار) کنيو پٿر تي هنيو ته پٿر واريءَ جيان ريزه ريزه ٿي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! اهو اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻانهن جو زور آهي، اها چٽان جنهن کي صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان ٽوڙي نه سگهيا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami