Share this link via
Personality Websites!
476487
9379
جي متعلق فرمايو:
هَذَا كِتَابٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ
ترجمو: هي ڪتاب الله ربُّ العالمين جي طرفان عطا ڪيو ويو آهي
فِيهِ اَسْمَاءُ اَهْلِ الْجَنَّةِ وَاَسْمَاء آبَائِهِِمۡ وَقَبَائِلِهِمْ ثمَّ اُجْمِلَ عَلىٰ آخِرِهِمْ فَلَا يُزَادُ فِيهِمْ وَلَا يُنْقَصُ مِنْهُمْ اَبَدًا
ترجمو: هن ۾ تمام اهلِ جنت، انهن جي ابن ڏاڏن ۽ قبيلن جا نالا درج آهن. آخر ۾ انهن جو ڪُل ٽوٽل به درج ڪيو ويو آهي، هاڻي انهن مان نه ڪجهه گهٽتائي ٿيندي، نه واڌارو ٿيندو.
پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ٻئي هٿ واري ڪتاب جي متعلق فرمايو:
هَذَا كِتَابٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ
ترجمو: هي ڪتاب به الله ربُّ العالمين جي طرفان عطا ڪيو ويو آهي.
فِيهِ اَسْمَاءُ اَهْلِ النَّارِ وَاَسْمَاءُ آبَائِهِِمْ وَقَبَائِلِهِمْ ثمَّ اُجْمِلَ عَلىٰ آخِرِهِمْ
فَلَا يُزَادُ فِيهِمْ وَلَا يُنْقَصُ مِنْهُمْ اَبَدًا
ترجمو: هن ۾ سڀني جهنمين، انهن جي ابن ڏاڏن ۽ قبيلن جا نالا درج آهن، آخر ۾ ڪُل ٽوٽل به لڳايو ويو آهي. هاڻي انهن ۾ نه گهٽتائي ٿيندي، نه واڌارو.
حضرت عبدالله بن عَمرورَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اسان عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! جڏهن جنتين ۽ جهنمين جا نالا پهريان ئي طئي ٿيل آهن ته پوءِ عمل جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ فرمايائون: سڌا رهو ۽ قربِ اِلاهي حاصل ڪريو! بيشڪ جنتي جو خاتمو جنتين وارن ڪمن تي ٿيندو آهي ۽ جهنمي جو خاتمو جهنمين وارن ڪمن تي ٿيندو آهي. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami