Share this link via
Personality Websites!
476509
9379
علمي، تربيتي ۽ شرعي معلومات تي ٻڌل سلسلا * تجارت ڪورس، فرض علوم ڪورس ۽ گهڻو ڪجهه. هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو! پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هر سال 7 سيپٽمبر تي سڄي پاڪستان ۾ يومِ تحفظِ عقيدهءِ ختمِ نبوت ملهايو ويندو آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هي ڏينهن اچڻ وارو آهي. بيان کي پڄاڻي ڏانهن آڻيندي عقيدهءِ ختمِ نبوت جي حوالي سان ڪجھ ضروري ڳالهيون ٻڌايان ٿو.
عقيدهءِ ختمِ نبوت جي حوالي سان ڪجھ اهم ڳالهيون
پيارا اسلامي ڀائرو! عقيدهءِ ختمِ نبوت ضررياتِ دين مان آهي.([1]) ۽ ان جي باري ۾ علم سکڻ فرضِ عين آهي. ([2])
عقيدهءِ ختمِ نبوت ڇا آهي؟ جڏهن کان احمدِ مجتبى، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، ان وقت کان وٺي قيامت تائين ڪو به شخص ڪنهن به لحاظ کان ڪنهن به زماني ۾، ستن آسمانن ۽ ستن زمينن ۾، ڪائنات (Universe) جي ڪنهن به خطي ۾ ڪو نئون نبي نٿو اچي سگهي.([3])
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
مَا كَانَ مُحَمَّدٌ اَبَاۤ اَحَدٍ مِّنْ رِّجَالِكُمْ وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ-وَ كَانَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمًا۠(۴۰)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami