Share this link via
Personality Websites!
476506
9379
پيارا اسلامي ڀائرو! آخر ۾ حديثِ پاڪ جي آخري لفظن تي به ٿورو توجھ فرمايو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
سڌا رهو ۽ قربِ الاهي حاصل ڪريو! بيشڪ جنتي جو خاتمو جنتين واري ڪم تي ٿيندو آهي ۽ جهنمي جو خاتمو جهنمين واري ڪم تي ٿيندو آهي. ([1])
هن مان اسان کي خبر پوي ٿي ته اسان کي هر وقت پنهنجي عملن جي خبر رکڻ گهرجي، هميشه پنهنجي عملن جو جائزو وٺندو رهڻ گهرجي ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان پاڻ کي نيڪ سمجهي رهيا هجون پر اسان جو خاتمو اهلِ جهنم وارن عملن تي ٿئي، ان لاءِ هميشه جنتين وارا عمل اپنائيندا رهون، انهن تي استقامت اختيار ڪريون، هميشه پنهنجي عملن جو باقاعدگي سان جائزو به وٺندا رهون ته جيئن اسان جو خاتمو جنتين وارن عملن تي ٿي سگهي. خدا جو قَسم! جيڪڏهن دنيا مان ويندي وقت ڪلمو زبان تي اچي ويو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي جي قيمت وصول ٿي ويندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علائقائي دورو
پيارا اسلامي ڀائرو! اڳوڻن بزرگن جي عقيدن تي پختگي حاصل ڪرڻ، صراطِ مستقيم تي استقامت ماڻڻ، محبتِ اعليٰ حضرت سان دل جي مکڙين کي مهڪائڻ لاءِ هر وقت دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته رهو! 12 ديني ڪم به خوب ذوق ۽ شوق سان ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا و
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami