Share this link via
Personality Websites!
476486
9379
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، نيت ڪريو! * الله جي رضا لاءِ بيان ٻڌندس * باادب ويهندس * خوب توجھ سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ترمذي شريف جيڪو حديثِ پاڪ جو مشهور ڪتاب آهي، ان ۾ هڪ تمام ايمان افروز، عشق افروز (يعني عشقِ رسول وڌائيندڙ) ۽ سبق آموز روايت آهي، اڄ جي بيان ۾ هيءَ روايت ۽ ان مان ملندڙ ڪجهه نڪتا توهان جي سامهون پيش ڪرڻا آهن. اچو! پهريان حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا:
حضرت عبد الله بن عَمرو رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابي رسول آهن، فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گهر مبارڪ کان ٻاهر تشريف کڻي آيا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي هٿ مبارڪ ۾ 2 ڪتاب هئا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم اسان کي خطاب ڪندي فرمايو:
اَتَدْرُونَ مَا هَذَانِ الْكِتَابَانِ
ترجمو: ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هي 2 ڪتاب ڪهڙا آهن...؟
اسان عرض ڪيو: نه يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم اسان نٿا ڄاڻون، توھان ارشاد فرمائي ڇڏيو! جيئن تہ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ساڄي هٿ ۾ موجود ڪتاب
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami