Share this link via
Personality Websites!
476500
9379
تمام نرم نازڪ هو، خوشبوءِ اهڙي مهڪندي هئي ڄڻ هينئر ئي مشڪ سان وهنجي آيا آهن. مون سندن جسم پاڪ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ڏسي سگهيس. وڌيڪ چون ٿا: تمام ڪيئي ڀيرا ائين ٿيندو هو جو رات جو اوچتو اک کلندي هئي ته پاڻ بستري تي موجود نه هوندا هئا، مان اٿي ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڳولڻ لڳندو هيس ته بستري تان ئي آواز ڏئي فرمائيندا هئا: چاچا! مان ته هتي ئي آهيان، توهان ڪٿي ڳولي رهيا آهيو. ڪيئي ڀيرا اڌ رات جي وقت اهڙو ذڪر ڪندا هئا جو مان حيرت سان ڏسندو رهجي ويندو هيس. اسان جڏهن کاڌو کائيندا هئاسين يا پاڻي پيئندا هئاسين ته الله جو نالو نه وٺندا هئاسين پر سندن عادت مبارڪ هئي جو کائڻ جي شروعات ۾ بِسمِ الله چوندا، آخر ۾ الحمد لله! چوندا هئا * ننڍپڻ مبارڪ ۾ به ڪڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ڪوڙ نه ڳالهايو * ٽهڪ ڏئي نه کليا هئا * نه ڪو جاهليت وارو ڪم ڪندا هئا * ۽ ٻارن سان کيڏڻ به نه ويندا هئا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو ننڍپڻ مبارڪ...!! پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم پيدا ٿيندي ئي سجدو ڪيو * ننڍپڻ کان ئي الله پاڪ جو ذڪر ڪندا * رات جو سمهندا هئا ته دل مبارڪ مان ذڪر جو آواز ايندو هو * ڪجهه کائيندا، پيئندا الله پاڪ جو نالو کڻندا هئا. مطلب ته ننڍپڻ کان ئي هر وقت الله پاڪ جي محبت ۾ مدهوش رهندا هئا.
ڀلا سوچيو! ڇا اسان جا ٻار به اهڙا هوندا آهن؟ ناهن هوندا. اسان وٽ ته ڪوشش ڪئي وڃي ته ٻار پهريون لفظ الله ڳالهائي، تڏهن به تمام مشڪل سان ڳالهائيندو آهي پر هي نرالي فطرت وارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم آهن، سڀ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami