Share this link via
Personality Websites!
476497
9379
لکڻ جو دستور ئي نه هو، ڪو به پنهنجي ٻارن کي پڙهڻ لاءِ نه موڪليندو هو. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن مدرسي، اسڪول يا استاد وٽ پڙهڻ نه ويا ته اها پاڻ جي نرالي شان ڪيئن ٿي وئي؟ عرب جو ته دستور ئي اهو هو.
هاڻي هن سوال جو جواب ٻڌو! ستين صدي هجري جا بزرگ حضرت علامه فخر الدين حَرَّالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: لفظ اُمّي جو مطلب هي آهي ته الله پاڪ سڀني ماڻهن کي جنهن فطرت (Nature) تي پيدا فرمايو، اسان جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کي انهن سڀني کان جدا، بي مثال فطرت تي پيدا فرمايو آهي. ([1])
مطلب هي آهي ته هن دنيا ۾ جيترا به ماڻهو آيا آهن، سڀني جي فطرت ۾ پڙهڻ لکڻ رکيو ويو آهي، توهان پنهنجي گهرن ۾ ڏٺو هوندو، ٻار جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي، شين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪندو آهي ته هو تمام گهڻا سوال (Questions) پڇندو آهي، بابا! هي ڇا آهي؟ بابا! هو ڇا آهي؟ ابو! هن شيءِ کي ڇا چوندا آهن؟ ابو! اها شيءِ ڪھڙو ڪم ڪندي آهي؟ هن طرح ٻار تمام گهڻا سوال پڇندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي ساهه ۾ ڪيترائي سوال پڇي ويندا آهن، هي هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته هن دنيا ۾ هر هڪ جي فطرت ۾ سکڻ رکيو ويو آهي، جيڪو به دنيا ۾ اچي ٿو، هو هتي اچي سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر قربان وڃجي! هي منهنجي ۽ توهان جي آقا، بي مثال نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي نرالي فطرت آهي جو الله پاڪ سندن فطرت مبارڪ ۾ سکڻ نه بلڪه سيکارڻ رکيو آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami