Share this link via
Personality Websites!
476496
9379
هي عطا فرمائڻ ئي ان ڳالهه جي دليل آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ڪتاب پڙهڻ ڄاڻيندا هئا.
نالو مبارڪ: اُمّي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ پيارو پيارو نالو آهي: اُمّي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اَلَّذِیْنَ یَتَّبِعُوْنَ الرَّسُوْلَ النَّبِیَّ الْاُمِّیَّ
ترجمو ڪنزُ العرفان: اھي جيڪي ان رسول جي پيروي ڪن جيڪي غيب جون خبرون ڏيڻ وارا آھن جيڪي ڪنھن کان پڙھيل ناھن. (سيپارو: 9، سورہءِ اعراب: 157)
ڪِن کي هن نالي پاڪ مان غلط فهمي ٿي وئي. هيءَ ڳالهه ياد رکو! لفظ اُمّي عربي جو لفظ آهي، هي لفظ جيڪڏهن منهنجي باري ۾ استعمال ٿئي، توهان جي باري ۾ چيو وڃي، ڪنهن عام ماڻهو لاءِ چيو وڃي ته ان جو مطلب هوندو: اڻ پڙهيل (Illiterate). پر اهو ئي لفظ جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم لاءِ استعمال ٿيندو آهي ته ان جي اها معنيٰ نه ڪئي ويندي آهي، بلڪه ان جو مطلب هوندو آهي: بي پڙهيو. يعني اهي هستي جن دنيا ۾ ڪنهن کان به علم ناھي سِکيو.[1]
لفظ اُمّي ۽ شانِ مصطفيٰ جي يڪتائي
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو: اُمّي جو جيڪڏهن هي مطلب آهي ته اهي جن دنيا ۾ ڪنهن کان علم نه سکيو هجي، ته عرب معاشري جي لحاظ کان ته اها ڪا نرالي ڳالهه ناهي. 1500 سال اڳ مڪي شريف ۾ شايد هڪ به اسڪول، هڪ به مدرسو موجود نه هو، انهن ماڻهن وٽ پڙهڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami