Share this link via
Personality Websites!
476494
9379
پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪئي، پوءِ ربّ ڪريم جو (ان جي شان جي لائق) هٿ مبارڪ منهنجي سيني تي رکڻ جي دير هئي، منهنجي ڪيفيت اها ٿي وئي جو فَتَجَلّیٰ لِیْ کُلُّ شَیْءٍ وَ عَرَفْتُ پوءِ مون تي هر شيءِ روشن ٿي وئي ۽ مون ان کي سڃاڻي ورتو. ([1]) هڪ روايت ۾ آهي: فَعَلِمْتُ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَمَا فی الْاَرْضِ پوءِ مون ڄاڻي ورتو جيڪو ڪجهه زمين ۾ ۽ جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي. ([2])
حضرت حذيفه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي وچ ۾ بيٺا ۽ بيان فرمائڻ شروع ڪيائون، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي سڀ ڪجهه ٻڌايو، ايتري تائين جو قيامت قائم ٿيڻ تائين جا سڀ واقعا ٻڌائي ڇڏيا.
حضرت حذيفه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: جيئن ڪو ٻانهو ڪنهن تمام پراڻي سڃاڻيندڙ کي ڏسندو آهي ته کيس اوچتو محسوس ٿيندو آهي ته هن کي مون ڪٿي ڏٺو آهي، پوءِ ٿورو ذهن تي زور ڏيڻ سان ياد اچي ويندو آهي، هن واقعي کان پوءِ منهنجي اها ئي حالت ٿي وئي هئي، مان جڏهن به ڪو نئون معاملو ڏسندو هئس ته لڳندو هو ته هي معاملو ته مون ڪٿي ٻڌو آهي، پوءِ جڏهن غور ڪندو هئس ته ياد ايندو هو ته ها! ان ڏينهن محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اها ڳالهه به اسان کي ٻڌائي هئي. ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami