Share this link via
Personality Websites!
476405
9374
بهر حال! پيارا آقا صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم دنيا ۾ ان حال ۾ تشريف کڻي آيا جو والد وفات ڪري چڪا هئا، ان ۾ به پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا ڪيترا ئي شانَ آهن. حضرت امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي اهلِ بيت پاڪ جا تمام وڏا امام آهن، سندن خدمت ۾ سوال ٿيو: محبوبِ ڪريم صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا والدِ محترم سندن پيدائش کان پهريان ئي وفات ڪري ويا هئا، ان ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟ فرمايائون: ان ۾ حڪمت اها هئي ته مخلوق مان ڪنهن جا به حق سندن ذمي تي لازم نه رهن.[1]
يعني ماڻهو چاهي ڪيڏو به بلند رتبي وارو هجي، ماءُ پيءُ جا حق مٿس لازم رهندا ئي آهن، جيڪڏهن پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا والدين دنيا ۾ تشريف فرما رهن ها ته انهن جا حق محبوب صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي لازم هجن ها، پر رب جي غيرت کي اهو گوارا ئي نه هو ته محبوب ان جو هجي ۽ مٿس ڪنهن ٻانهي جو حق لازم هجي، ان ڪري الله پاڪ والدينِ ڪريمين کي پهريان ئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ته جيئن سڄي مخلوق حضور صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا حق ادا ڪري پر حضور تي ڪنهن جو به حق لازم نه هجي.
یَا صَاحِبَ الْجَمَالِ وَ یَا سَیِّدَ الْبَشَرِ
مِنْ وَجْہِکَ الْمُنِیْرِ لَقَدْ نُوِّرَ الْقَمْرُ
لَا یُمْکِنُ الثَّنَاءُ کَمَا کَانَ حَقُّہٗ
بَعْد اَزْ خُدا بزُرْگ تُوئی قِصَّہ مُخْتَصَرْ
ترجمو: اي حسن و جمال جا مالڪ! اي انسانن جا سردار! توهان جي نوراني چهرن مان فيض وٺندي چنڊ روشن آهي. توهان جي اهڙي تعريف بيان ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي جهڙو توهان جو حق آهي، مختصرڳالهه اها آهي ته رب ڪريم کان پوءِ سڀني کان وڏي (بزرگ تر) هستي توهان ئي آهيو.
[1]... مواہب اللدنیہ،المقصد الاول، آیات حملہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ، جلد:1، صفحہ:64۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami