Share this link via
Personality Websites!
476404
9374
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
اَلَمْ یَجِدْكَ یَتِیْمًا فَاٰوٰى۪(۶)(پارہ:30، سورۀ الضحیٰ:6)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا ان توکي يتيم نه ڏٺو پوءِ جاءِ ڏنائين.
هن جڳهه تي لفظ يتيم جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون ۽ ٻنهي لحاظ کان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا تمام پيارا پيارا شان ظاهر ٿين ٿا:
لفظ يتيم جي پهرين معنيٰ ۽ ان جي وضاحت
لفظ يتيم جي پهرين معنيٰ اها آهي ته اهو ٻار جنهن جي پيدائش کان پهريان يا پوءِ ان جو والد انتقال ڪري وڃي، ان کي يتيم چئبو آهي. [1]
روايتن ۾ آهي ته اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم اڃا ظاهري دنيا ۾ تشريف ئي نه کڻي آيا هئا، بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عنھا وٽ امانت هئا، جڏهن سندن والدِ محترم حضرت عبدالله رَضِیَ اللهُ عنه واپار جي لاءِ ملڪِ شام ڏانهن روانا ٿيا، واپسيءَ تي مديني منوره پهتا، اتي ڪجهه ڏينهن بيمار رهيا ۽ پوءِ الله پاڪ کي پيارا ٿي ويا.[2] ڇوته پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا والدِ محترم سندن ولادت شريف کان پهريان ئي رخصت ٿي ويا هئا، ان ڪري مڪي شريف جا ڪجهه ماڻهو کين یَتِیْمُ عَبْدِ اللہ چوندا هئا.
اهم وضاحت: هتي هڪ ڳالهه خاص طور ذهن ۾ رکندا ته علماءِ ڪرام پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي رڳو يتيم چوڻ کان منع ڪيو آهي، ان جي جاءِ تي کين دُرِّ يتيم چوڻ گهرجي، دُرِّ يتيم جي معنيٰ آهي: بي مثال موتي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami