Share this link via
Personality Websites!
476402
9374
اهڙي طرح قرآن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي الله پاڪ اسان انسانن کي پنهنجا احسان ۽ انعام ياد ڏياريا ۽ فرمايو: انهن انعامن جو شڪر ادا ڪريو ۽ اسان جا فرمانبردار ٿي وڃو! هي قرآنِ ڪريم جو اسان عام انسانن متعلق اسلوب (انداز) آهي، اسان کي احسان ياد ڏياريو وڃي ٿو ته جيئن فرمانبرداري اختيار ڪريون.
(2):احسان ياد ڏيارڻ جو ھڪ ٻيو مقصد هوندو آهي تسلي ڏيڻ. سامهون واري کي تسلي ڏني ويندي آهي ته جيڪو توهان لاءِ پهريان ايترو ڪجهه ڪري چڪو آهي، اهو وڌيڪ ڀلايون ڇو نه ڪندو؟ اهو ئي اسلوب هتي اختيار ڪيو ويو آهي. معاملو اهو هو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ وحي نه آئي هئي، رسولِ اڪرم صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي دل مبارڪ اداس هئي، غير مسلم، مڪي شريف جا ڪافر ان کي غلط رنگ ڏئي رهيا هئا، اهي چوندا هئا: محمد صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي رب کين ڇڏي ڏنو آهي.معاذ الله!
ان تي الله پاڪ سورهءِ والضحى نازل فرمائي [1] ۽ ان ۾ اهي احسان ياد ڏياريا، فرمايو:
اَلَمْ یَجِدْكَ یَتِیْمًا فَاٰوٰى۪(۶)(پارہ:30، سورۀ الضحیٰ:6)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا ان توکي يتيم نه ڏٺو پوءِ جاءِ ڏنائين.
وَ وَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدٰى۪(۷)(سيپارو: 30، الضحيٰ: 7)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان توکي پنهنجي محبت ۾ گم ڏٺو ته پنهنجي طرف راھ ڏنائين.
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان توکي حاجت مند ڏٺو ته غني ڪري ڇڏيائين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami