Share this link via
Personality Websites!
476401
9374
هي انهن آيتن جو هڪ اسلوب (انداز) آهي جيڪو مون توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو. اچو! هاڻي آيتِ ڪريمه، ان جي وضاحت ۽ ان مان معلوم ٿيندڙ پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي شانن کي ٻڌون ٿا. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اَلَمْ یَجِدْكَ یَتِیْمًا فَاٰوٰى۪(۶) (پارہ:30، سورۀ الضحیٰ:6)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا ان توکي يتيم نه ڏٺو پوءِ جاءِ ڏنائين
پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه ۾ لفظ يتيم جي معنيٰ ۽ مطلب ڇا آهي؟ اها هڪ مڪمل بحث آهي، ان طرف اسان پوءِ اچون ٿا، پهريان ٿورو ڏسو ته ربَّ رحمان پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪهڙي پياري انداز ۾ محبت جو اظهار فرمايو آهي. پنهنجي ايماني ذوق کي ڪجهه تازو ڪري هن انداز تي غور فرمايو! الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي هڪ انعام فرمايو هو، هن آيت ۾ ان انعام جو ذڪر ڪيو پيو وڃي.
هاڻي معاملو اهو آهي ته جڏهن انعام ۽ احسان ڪنهن کي ياد ڏياريو ويندو آهي ته ان جا ٻه مقصد هوندا آهن: (1): ڪنهن کي انعام ان ڪري ياد ڏياريو ويندو آهي ته جيئن هو احسان مڃي ۽ فرمانبرداري اختيار ڪري جيئن الله پاڪ سوره رحمٰن ۾ بار بار فرمايو:
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ(۱۶) (سيپارو: 27، الرحمٰن: 16)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ (اي جنؤ ۽ انسانؤ!) توھان ٻئي پنھنجي رب جي ڪھڙين ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟
سورهءِ واقعه ۾ فرمايو:
نَحْنُ خَلَقْنٰكُمْ فَلَوْ لَا تُصَدِّقُوْنَ(۵۷)(سيپارو: 27، الواقعه: 57)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اسان توهان کي پيدا ڪيو پوءِ توهان ڇو سچ نٿا مڃو؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami