Share this link via
Personality Websites!
476410
9374
پيارا اسلامي ڀائرو! امام فخر الدين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عالمِ دين ۽ مفسرِ قرآن آهن، پاڻ نھايت ئي ڪمال علمي نڪتو بيان ڪيو آھي، فرمائن ٿا: (جيتوڻيڪ نبوت ڪَسبي ناھي، اعمال ذريعي حاصل نٿي ڪري سگھجي، ھي خاص اللھ پاڪ جو انتخاب آھي، البت) ربِ ڪريم جنهن کي نبوت جي لاءِ منتخب فرمائيندو آھي، اهو ضروري آهي ته هو روحاني ۽ جسماني طاقتن ۾ به پنهنجي امت کان ارفع و اعليٰ هجن. [1] ان ڪري * انبياءِ ڪرام عَليهمُ السلام ڏسڻ جي طاقت به امت کان وڌيڪ ڏني ويندي آھي، ٻڌڻ جي طاقت به سڀ کان وڌيڪ عطا ڪئي ويندي آهي * چکڻ جي طاقت * سنگهڻ جي طاقت * ۽ ڇهڻ جي طاقت * اهڙي طرح عقل ۽ فهم فراست ۽ * سمجهڻ جي طاقت به انهن ۾ سڄي امت کان وڌيڪ هوندي آهي، وري انهن جو روح به پاڪ صاف ۽ لطيف هوندو آهي.
هاڻي ابوجهل چئي ٿو: نبوت مون کي ملڻ گھرجي ھا. وليد بن مغيرھ چئي ٿو: نبوت مون کي ملڻ گھرجي ھا، عُمير ثقفي چئي ٿو: نبوت مونکي ملڻ گھرجي ھا.
اللھ پاڪ فرمائي ٿو:
اَللّٰهُ اَعْلَمُ حَیْثُ یَجْعَلُ رِسَالَتَهٗؕ- (پارہ:8، سورۀ الانعام:124)
ترجمو ڪنزُ العرفان: الله ان کي خوب ڄاڻي ٿو جتي پنهنجي رسالت رکي. (سيپارو: 8، الانعام: 124)
يعني اي نبوت جا طلبگارو....!! ٿورو پنهنجي حالت ته ڏسو...!! اسان جي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم سان ڪهڙو مقابلو، انھن جو شانُ ھيءُ آهي جو * نظر کڻن ته عرش تائين ڏسندا آھن، توهان کي ديوار جي پٺيان به نظر ناھي ايندو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami