Share this link via
Personality Websites!
476409
9374
هاڻي ٿورو هن جي بيوقوفي ڏسو ته هن نبوت جي منصب جو معيار ڇا رکيو آھي! چوڻ لڳو: مان نبوت جو وڌيڪ حقدار آهيان، اهو ڇو؟ ان ڪري جو مان عمر ۾ وڏو آهيان ۽ مون وٽ مال به گهڻو آهي. ائين ئي ابوجهل چوڻ لڳو: مان ان وقت تائين ايمان نه آڻيندس جيستائين مونکي به نبي نه بڻايو وڃي. [1]
يعني اهي چوڻ چاهين پيا ته الله پاڪ کي جيڪڏهن نبي بڻائڻو ئي هو ته رڳو محمد صَلَّی اللهُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي ئي ڇو چونڊيو ويو؟ اهي به ته اسان جهڙا ئي آهن بلڪه * عمر ۾ اسان وڏا آهيون * مال ۾ اسان وڏا آهيون * سرداريون اسان وٽ آهن، ان ڪري نبوت جا حقدار ته اسان ٿياسين. الله پاڪ ان تي آيت نازل فرمائي، ارشاد ٿيو:
اَللّٰهُ اَعْلَمُ حَیْثُ یَجْعَلُ رِسَالَتَهٗؕ- (پارہ:8، سورۀ الانعام:124)
ترجمو ڪنزُ العرفان: الله ان کي خوب ڄاڻي ٿو جتي پنهنجي رسالت رکي. (سيپارو: 8، الانعام: 124)
مطلب ھي آھي ته اي ابوجهل! اي وليد! توهان بيوقوف آهيو...! نبوت ڪَسبي ناھي جو مال يا اعمال جي بدلي ملي وڃي، نبوت ته خاص الله جو عطيو آهي. جيئن قيمتي موتي مَٽ ۾ ناهي رکيو ويندو، ان لاءِ خاص قيمتي تجوري بڻائي ويندي آھي، ائين ئي نبوت جو قيمتي موتي خاص ڪمالات وارن کي ئي عطا ڪيو ويندو ۽ جنهن کي نبوت ڏيڻي هجي، رب رحمٰن شروع کان ئي کيس ڪمالات عطا فرمائي ڪري پيدا ڪندو آهي. [2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami