Share this link via
Personality Websites!
476398
9374
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرت عبدالله بن عباسرَضِىَ اللهُ عَنْهُما کان روايت آهي، جڏهن والدِ مصطفيٰ، حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي وفات ٿي ته ملائڪن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! تنهنجو نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم والد بغير رهجي ويو. رب ڪريم فرمايو: اَنَا لَہٗ حَافِظٌ وَ نَصِیْرٌ اي منهنجا ملائڪو! اهي منهنجا محبوب آهن، انهن جي حفاظت ڪرڻ وارو به مان آهيان، انهن جو مددگار به مان آهيان. [1] هڪ روايت ۾ آهي: الله پاڪ فرمايو: اَنَا وَلِیُّہٗ وَ حَافِظُہٗ وَ حَامِیْہٗ وَ رَبُّہٗ وَ عَوْنُہٗ وَ رَازِقُہٗ وَ کَافِیْہٗ يعني اي منهنجا ملائڪو! اهي منهنجا محبوب آهن، مان ئي انهن جو والي آهيان، مان ئي انهن جو محافظ آهيان، مان ئي انهن جو حامي آهيان، مان ئي انهن جو رب آهيان، مان ئي انهن جو مددگار آهيان، مان ئي انهن جو رازق آهيان ۽ مان انهن جي لاءِ هر طرح سان ڪافي آهيان. فَصَلُّوْا عَلَيْهِ وَتَبَرَّكُوْا بِاِسْمِهٖ يعني اي ملائڪو! توهان منهنجي محبوب تي درود موڪليو ۽ سندن مبارڪ نالي جون برڪتون حاصل ڪريو..! [2]
دست بَستہ سب فرشتے پڑھتے ہیں اُن پر دُرود
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami