Share this link via
Personality Websites!
475865
9363
مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
مَنِ اتَّبَعَ سُنَّتِيْ فَهُوَ مِنِّي، وَمَنْ رَغِبَ عَنْ سُنَّتِيْ فَلَيْسَ مِنِّي
ترجمو: جنهن منهنجي سنت جي پيروي ڪئي، اهو مون مان آهي ۽ جنهن منهنجي سنت کان بي رغبتي ڪئي، اهو مون مان نه آهي.[1]
علماءِ ڪرام هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته جيڪو ٻانهو ڪنهن سنت کي برو سمجهي، اهو اسلام کان ئي خارج آهي ۽ جيڪو بنا عذر جي سنت ڇڏڻ جو عادي هجي، اهو پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پسنديدهه ۽ پرهيزگار ماڻهن مان نه آهي. ([2])
اسان جي معاشري جي هيءَ به هڪ ڪمزوري آهي ته اسان وٽ سنتن جي معاملي ۾ تمام گهڻي لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. سنتن تي عمل ڪرڻ ته بعد جي ڳالهه آهي، سنتن جي معلومات ئي ڪٿي هوندي آهي؟ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هلندا ڪيئن هئا؟ ويهندا ڪيئن هئا؟ سندن کاڌو کائڻ جو مبارڪ انداز ڪهڙو هو؟ آرام فرمائڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون پياريون پياريون ادائون ڪهڙيون آهن؟ ان جي معلومات ئي نه هوندي آهي. ها! نئون فيشن ڪهڙو هلي رهيو آهي، اها خبر هوندي آهي؟ اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ موبائل جو نئون ماڊل ڪهڙو آيو آهي؟ گاڏيءَ جو نئون ماڊل ڪهڙو آيو آهي؟ جوتن، ڪپڙن وغيره ۾ ٽرينڊ (Trend) ڪهڙو هلي رهيو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه معلوم هوندو آهي، پر افسوس! آمنه جي لال، رسولِ بي مثال صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جي معلومات گهٽ ئي هوندي آهي ۽ جن سنتن جي معلومات هوندي آهي، انهن تي به عمل نه ٿي سگهندو آهي. مثال طور: ڏاڙهي مبارڪ کي ئي وٺو! ڪهڙو مسلمان آهي جنهن کي خبر نه آهي ته ڏاڙهي رکڻ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنت آهي، پر ڪو ٻين کان شرمائيندو آهي ڪنهن کي نوڪريءَ جو فڪر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami