Share this link via
Personality Websites!
475864
9363
جو ديدار نصيب ٿيندو رهي. جيڪڏهن اِهو گل نصيب ٿي وڃي ته پوءِ جنت جي گلن ۽ پنن (يعني اتي جي نعمتن) جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مون کي جنت جو پاڪيزه شراب ملي يا نه ملي، پر هي سعادت ملي وڃي ته اوهان پنهنجي هم ڪلاميءَ جو شرف عطا فرمايو. اوهان جي مٺي مٺي، پياري پياري آواز جي ماکي نصيب ٿي وڃي ته پوءِ کنڊ وغيره جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
صحابيِءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: منهنجي امت جي بگڙڻ وقت منهنجي سنت کي مضبوطيءَ سان پڪڙڻ واري جي لاءِ شهيد جو ثواب آهي.[1] هڪ روايت ۾ فرمايائون: ان جي لاءِ 100 شهيدن جو ثواب آهي.[2]
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: شهيد ته هڪ ڀيرو تلوار جو زخم کائي پار ٿي ويندو آهي، پر هي (يعني امت جي فساد جي وقت سنت اختيار ڪرڻ وارو) الله جو ٻانهو سڄي عمر ماڻهن جا طعنا ۽ زبانن جا گهاوَ برداشت ڪندو رهندو آهي، الله ۽ رسول جي خاطر سڀ ڪجهه برداشت ڪندو رهندو آهي، ان جو جهاد جهادِ اڪبر آهي. جيئن موجوده دور ۾ ڏاڙهي رکڻ ۽ وياج کان بچڻ وغيره.[3]
سینہ تیری سُنّت کا خزینہ بنے آقا
جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
هر هڪ سنت تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو!
محدث ابنِ مبارڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي روايت آهي، رسولن جي تاجدار، مڪي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami