Share this link via
Personality Websites!
475863
9363
ٿا: يعني مسلمان ڀاءُ جي طرفان دنياوي معاملن ۾ صاف دل هجي، سندس سينو ڪيني کان پاڪ هجي، تڏهن ئي ان ۾ مديني جا انوار داخل ٿيندا. ڌنڌلو آئينو ۽ ميري دل عزت جي لائق نه آهن. وڌيڪ فرمائن ٿا: جيئن عملن ۾ سنتن جي پابندي ڪرڻ باعثِ ثواب آهي، تيئن ئي دل صاف رکڻ ۽ سٺا اخلاق هجڻ به سنت آهي، جنهن سان قربِ رسول الله حاصل ٿيندو. افسوس! جو گهڻا ماڻهو هتي مارَ کائي ويندا آهن، انهن جي دعويٰ ته اتباعِ سنت جي هوندي آهي، پر سندن سينو ڪيني سان ڀريل هوندو آهي. الله پاڪ هن سنت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هنن روايتن مان معلوم ٿيو ته جيڪو سنتون سکي ۽ انهن تي عمل ڪري، ان کي جنت ۾ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿي ويندو. سُبْحٰنَ الله! ڪيڏي نه وڏي نعمت آهي. يقيناً جنت ملي وڃڻ به ڪا گهٽ نعمت نه آهي ۽ جنت ۾ نبين جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب ٿي وڃڻ ...!! واھ! هن نعمت جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:
جنّت نہ دَیں، نہ دَیں تِری رُویَت ہو خیر سے
اس گُل کے آگے کس کو ہَوَس بَرْگُ و بَر کی ہے
شربت نہ دَیں، نہ دَیں، تُو کرے بات لطف سے
یہ شہد ہو تو پِھر کسے پروا شکر کی ہے ([2])
وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جنت عطا ٿيڻ يا نه ٿيڻ الله پاڪ جي رضا تي آهي، منهنجي تمنا اها آهي ته اهڙي جاءِ نصيب ٿي وڃي، جتان اوهان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami