Share this link via
Personality Websites!
475883
9363
اي عاشقانِ رسول! واعدو پورو ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ، بلڪه سنتِ انبياءِ آهي * اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واعدي جا تمام گهڻا پابند هئا ۽ * واعدو ٽوڙڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان اڳ هڪ ڀيري هڪ شخص سندن خدمت ۾ عرض ڪيو: ”توهان ترسو! مان اِجهو واپس ٿو اچان. اُهو شخص هليو ويو، پر کانئس واپس اچڻ وسري ويو. 3 ڏينهن کان پوءِ کيس ٻيهر ياد آيو. جڏهن هُو ان جاءِ تي پهتو ته هي ڏسي حيران ٿي ويو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 3 ڏينهن گذرڻ باوجود اتي ئي تشريف فرما آهن ۽ ماشَآءَ اللہ! شفقت، رحمت ۽ حسنِ اخلاق ڏسو! جو پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي دڙڪا وغيره نه ڏنا ۽ نه ئي جلال فرمايو، بس ايترو فرمايائون: اي شخص! تون مون کي مشقت ۾ وجهي ڇڏيو. ([1])
الله پاڪ اسان کي به سنتِ سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي واعدا پورو ڪرڻ وارو بڻائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لیے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami