Share this link via
Personality Websites!
475877
9363
آؤ دعوتِ اسلامی پلائے گی پیاسو! اُلفت مُحَمَّد کے خوب جام بھر بھر کر
جس کو دعوتِ اسلامی خُدا نے دی عطّاؔر خوش نصیبی ہے اُس کی ہے بڑا وہ بختاور([1])
* شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سيپٽمبر 1981ع ۾ دعوتِ اسلامي جو آغاز فرمايو * پاڻ هي مدني مقصد اختيار فرمايائون ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. پوءِ هن مدني مقصد کي کڻي پاڻ نه ڏينهن ڏٺائون نه رات، مسلسل ڪوشش ڪندا رهيا، ڪندا رهيا، ايسيتائين جو الله پاڪ جي ڪرم ۽ سندس پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظرِ عنايت سان ۽ اولياءِ ڪرام جي فيضان سان دعوتِ اسلامي جو ديني پيغام سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويو.
اَلحمدُ لِلّٰہ! اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي مسلسل ڪوششن سان * جيڪي بي نمازي هئا، اُهي نمازي بڻجي ويا، بلڪه مسجدن جا امام بڻجي ويا * بدنگاهي ڪرڻ وارا باحيا بڻجي ويا * ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارا باادب ٿي ويا * چور ۽ ڌاڙيل آيا، توبهه تائب ٿيا، چوري ۽ ڌاڙا ڇڏي، معاشري جا شريف انسان بڻجي ويا * حسد جي باهه ۾ سڙڻ وارا شڪرگذار ۽ خيرخواهه بڻجي ويا * فلمن ۽ گانن جا شوقين نعتِ مصطفيٰ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارا بڻجي ويا * دنيا جي گندي گناهن ڀري عشق جا متوالا، پياري مصطفيٰ، مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زلفن جا ديوانا بڻجي ويا * مال ۽ دولت جي پويان ڀڄڻ وارا رضاءِ الٰهي جا طلبگار بڻجي ويا * شرابي آيا، توبهه ڪري پاڪيزه انسان بڻجي ويا * غافل آيا، عبادت گذار بڻجي ويا * ڀٽڪيلن کي سڌو رستو ملي ويو * هزارين ڪافرن کي اسلام جي نعمت نصيب ٿي. اهڙي طرح هڪ هڪ، ٻه ٻه ٿي ايندا ويا، نيڪيءَ جي دعوت جي هن سفر ۾ ساڻن گڏ ٿيندا ويا، قافلو بڻجندو ويو ۽ اَلحمدُ ِللّٰہ! نيڪيءَ جي دعوت جو هي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami