Share this link via
Personality Websites!
475858
9363
اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت حبيب راعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تابعي بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي صحبت ۾ رهيا. حضرت حبيب راعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻڪريون پالي رکيون هيون، انهن کي ڪاهي درياءِ فرات جي ڪناري تي تشريف کڻي ويندا هئا ۽ اتي ئي الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا. داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي مشهور ڪتاب کَشْفُ الْمَحْجُوب ۾ لکن ٿا: هڪ ڏينهن هڪ شخص درياءِ فرات جي ڀرسان گذريو ته هُن ڏٺو ته حضرت حبيب راعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نماز پڙهي رهيا آهن ۽ هڪ بگهڙ ٻڪرين جي نگهباني ڪري رهيو آهي. اِهو ڏسي هن شخص کي وڏو تعجب ٿيو ۽ هُو حضرت حبيب راعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ اُتي ترسي پيو. جڏهن پاڻ نماز مڪمل فرمايائون ته اُن سلام عرض ڪيو، پاڻ سندس سلام جو جواب ڏنائون. ان شخص عرض ڪيو: عاليجاهه! اوهان جي ٻڪرين سان بگهڙ کي اهڙي محبت آهي جو هُو انهن جي حفاظت ڪري رهيو هو؟ فرمايائون: ان جو سبب هي آهي ته ٻڪرين جو مالڪ الله پاڪ سان محبت ڪندو آهي (يعني مان الله پاڪ سان محبت ڪندو آهيان، تنهنڪري مون سان ۽ منهنجين شين سان جانور به محبت ڪندا آهن). پوءِ حضرت حبيب راعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪاٺ جو هڪ پيالو پٿر جي هيٺان رکيو، فوراً ان پٿر مان کير ۽ ماکيءَ جا ٻه چشما جاري ٿي پيا. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کير ۽ ماکيءَ سان ڀريل پيالو ان شخص کي ڏنو. هي ڏسي اهو شخص حيران ٿي ويو ۽ چيائين: عاليجاهه! اوهان هي مقام ڪيئن حاصل ڪيو آهي؟ فرمايائون:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami